سپريم ڪورٽ صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾  چيو ويو آهي ته احمد عمر شيخ خلاف اغوا ۽ قتل جي سازش جو الزام ثابت ناهي ٿيو، فريادي به ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ شاهدين سان گڏ ثبوت فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، هٿڪڙيون لڳل جوابدار ڏوهه جو  اعتراف ڪري به ته ان جي  ڪابه حيثيت ناهي، ڊينئل پرل جي زال ڌمڪين  تي ٻڌل اي ميلز کي لڪائي  ڇڏيو هو، سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڊينئل پرل جي زال جان جي  خطري  سبب 12 ڏينهن تائين  خاموش رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔