پهرين مئي تي فوجين جو نڪرڻ مشڪل آهي:جوبائيڊن

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته طالبان معاهدي تحت پهرين مئي تي فوجين جو نڪرڻ مشڪل آهي.
ويهه جنوري تي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ جوبئيڊن چيو ته حڪم عملي ۾ پيچيدگين سبب پهرين مئي تي آخري تاريخ کي پورو ڪرڻ مشڪل هوندو ۽ فوجين جو نڪرڻ مشڪل آهي.
هن چيو ته اسان هليا وينداسين، سوال اهو آهي ته اسان ڪڏهن وينداسين.
جڏهن سوال ڪيو ويو ته ڇا توهان 2022 ۾ آمريڪي فوجين کي افغانستان ۾ ڏسو ٿا ته آمريڪي صدر چيو آئون نه پيو ڏسان ته اهرو ڪو معاملو ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔