بالي ووڊ اداڪار عامرخان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي پيو

ممبئي: بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو .
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار عامر خان جو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي جنهن بعد هن پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪيو آهي ۽ هو گهر ۾ رهي ڪووڊ 19 جي حوالي سان ڏنل گائيڊ لائينز کي فالو ڪري رهيو آهي.
ميڊيا جي رپورٽن موجب عامر خان سندس اسٽاف کي به آرام ڪرڻ، احتياط ڪرڻ ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل جون هدايتون ڪيون آهن.
عامر خان هنن ڏينهن ۾ فلم لال سنگهه چڍا جي شوٽنگ ۾ مصروف هو پر سندس ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ ڪري هن پنهنجو ڪم روڪي ڇڏيو آهي ۽ صحتياب ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي فلم جي شوٽنگ ٻيهر ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔