شهزادي هيري کي آمريڪي ڪمپني ۾ نوڪري ملي وٸي

سان فرانسسڪو: شاهي محل تان هٿ کڻڻ بعد شهزادي هيري آمريڪي ڪوچنگ فرم”بيٽراپ“ ۾ چيف امپيڪٽ آفيسر جو عهد سنڀاليندو.
برطانوي خابرو اداري موجب شاهي محل کي ڇڏڻ کان پوءِ شهزادي هيري ۽ سندس زال ميگهن مارڪل آمريڪا ۾ قيام ڪيو آهي، هاڻ شهزادو هيري آمريڪا ۾ ذهني صحت تي ڪم ڪندڙ ڪمپني”بيٽراپ“ ۾ نوڪري ڪندو جتي ان جو عهدو چيف امپيڪٽ آفيسر جو هوندو.
ٻئي طرف ”بيٽراپ“ ڪمپني جي سي او وال اسٽريت جرنل کي ٻڌايو ته شهزادو هيري سڌيءَ ريت کين رپورٽ نه ڪندو ۽ نه ئي هو ملازمن جو انتظام سنڀاليندو پر حالتون بهتر ٿيڻ تائين هو ڪمپني سان فرانسسڪو هيڊڪوارٽر ۾ ڪجهه وقت گذاري سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔