ون ڊي ڊيبيو تي تيزترين ففتي بعد ڪرنال پانڊيا روئي پيو

نئين دهلي: ڀارتي ڪرڪيٽر ڪرنال پانڊيا ون ڊي ڊيبيو تي تيزترين ففٽي ٺاهي روئي پيو.
ڪرنال پانڊيا هڪ ڏينهن جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي ففٽي صرف 26 بالز تي مڪمل ڪئي، بال جي لحاظ کان هي ڪنهن به پليئر جي ڊيبيو تي تيز ترين ففتي آهي، هن 31 بالز تي 58 رنز اسڪور ڪيون.
گرائونڊ کان ٻاهر ايندي کيس پنهنجا ڳوڙها روڪڻ مشڪل بڻجي رهيا هئا، هن پنهنجي ڀاءُ هرديڪ کي ڳل لاتو، ان دوران ٻئي ڪافي جذباتي نظر آيا.
انکانپوءِ انٽروي دوران به هن جي اکين ۾ ڳوڙها چمڪي رهيا هئا، کانئس ڳالهائڻ به نٿي نڪتو، هن پنهنجي اهڙي ڪاميابي سندس مرحوم پيءُ جي نالي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔