مرضي جي قيمت نه ملڻ تي مقامي ڪمپني روسي ويڪسين واپس موڪلڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: مرضي جي قيمت نه ملڻ تي مقامي دوا تيار ڪندڙ اداري روس مان گهرايل ڪورونا ويڪسين واپس موڪلڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان(ڊريپ) روسي ويڪسين اسپوٽنگ فائيو جي قيمت 8 هزار 449 روپيه مقرر ڪئي هئي جنهن تي ويڪسين گهرائيندڙ دوا تيار ڪندڙ ڪمپني خدشن جو اظهار ڪيو هو. دوا تيار ڪندڙ اداري جي اختيارين جو چوڻ آهي ته حڪومتي تجويز ڪيل قيمت تي ويڪسين جي فراهمي ممڪن نه آهي. ٻئي طرف پاڪستان کي هلندڙ مهيني چين مان ڪورونا ويڪسين جون ٻه کيپون ملڻ جو امڪان آهي. ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائيندڙن جو پيغام آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني ۾ معمول جي زندگي جي واپسي چاهين ٿا ته ويڪسين کي ها ۽ ڪورونا کي نه چون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔