ڪراچي جي وڌيڪ علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

ڪراچي : ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب ڪراچي جي سينٽرل ضلعي جي 3 سب ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو آهي.
انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد ۽ لياقت آباد جي يوسين ۾ لڳايو ويو آهي، لاڪ ڊائون 23 مارچ کان 6 اپريل تائين هوندو، جيڪو هاٽ اسپاٽ جي نشاندهي تي لڳايو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته متاثر علائقن ۾ اچ وڃ لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، اتي غير ضروري چُرپر ۽ ٻيلهه سواري سان گڏگوڏ ڪاروباري، صنعتي سرگرمين ۽ ميڙاڪن تي به پابندي هوندي.
متاثر علائقن ۾ ڪورونا متاثر گهرن ۾ قرنطينه ۾ رهندا، جڏهن ته حڪومت متاثر علائقن ۾ حقدارن ۾ راشن ورهائڻ لاءِ قدم کڻندي.
واضح رهي ته 17 مارچ تي به سينٽر ضلعي جي 9 يوسين ۾ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون هنيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔