ڪابينا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پيٽروليم ڊيلرز خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ پيٽروليم ڊيلرز جي خلاف ڪارروائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وفاقي ڪابينا ساڍا 3 مهينا دير کان پوءِ ڪميشن رپورٽ تي جزوي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ انڪوائري ڪميشن پيٽروليم واري سيڪريٽري سميت ڪيترن ئي آفيسرن تي ذميواري لاڳو ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا گهربل قانون ۽ قاعدن ضابطن ۾ ترميمن جي به هدايت ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ سندس ئي هدايت جي روشني ۾ اوگرا جي قانون تي به نظرثاني ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔