گهوٽڪي ۾ 50 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪن قومي ڌارا ۾ شامل

گهوٽڪي: گهوٽڪي ۾ 50 کان وڌيڪ قومپرست ڪارڪن قومي ڌارا ۾ شامل ٿي ويا ،  ان موقعي تي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيل ڪارڪنن پاران ڀارت خلاف نعري بازي ڪئي وئي ، قومي ڌارا ۾ شامل ٿيل ڪارڪنن جو تعلق گهوٽڪي جي مختلف علائقن سان آهي ، جيڪي قومپرست سياست کي الوداع ڪري قومي ڌارا ۾ شامل ٿيا آهن .انهن ڪارڪنن جو تعلق جسقم ، جسمم ۽ ٻين قومپرست پارٽين سان هو . ڪارڪنن جي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جي تقريب ميرپور ماٿيلو۾ رکي وئي هئي ، تقريب ۾ ڳالهائيندي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن جو چوڻ هو ته هو اڳ ۾ ڀٽڪيل هئا ۽ هاڻي صحيح رستي تي اچي ويا آهن ، سندن چوڻ هو ته انهن جو هاڻي ڪنهن به قومپرست تنظيم سان ڪو واسطو ناهي ، ان موقعي تي انهن پاڪستان جو جهنڊو اڀ ۾ لهرائيندي ڀارت مخالف نعرا پڻ هنيا  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔