سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو عهدو پ پ کي ملڻ گهرجي:راجا پرويز اشرف

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سينئر نائب صدر راجا پرويز اشرف اميد ظاهر ڪئي آهي ته سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو معاملو اپوزيشن پارٽين جي اتحاد ۾ خوشي سان طئي ٿي ويندو.

گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ(ن) ليگ جو هوندو. مريم نواز جي بيان تي رد عمل ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ڊي ايم جي سينئر نائب صدر راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ 21 سينٽرزن سان سڀني کان وڏي اپوزيشن پارٽي آهي.

جمهوري روايتن موجب سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو عهدو پيپلز پارٽي کي ئي ملڻ گهرجي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ(ن) ليگ  وٽ آهي.

پارليامينٽ جو ٽيون اهم عهدو سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو عهدو سڀني کان وڏي پارٽي کي وڃڻ گهرجي جنهن پارٽي وٽ پارليامينٽ ۾ اڳ ئي ٻه عهدا موجود آهن ان کي  ٽيون عهدو ملڻ نامناسب هوندو.

راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته اپوزيشن اڳواڻ جو عهدو جمهوري اصولن ۽ غير جانبداري تي ڏيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔