جاويد لطيف جي ضمانت منظور، عدالت پوليس کي گرفتاري کان به روڪي ڇڏيو

لاهور: تڪراري تقرير بابت ڪيس ۾ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر جاويد لطيف کي 30 مارچ تائين عبوري ضمانت ملي وئي.

ميان جاويد لطيف پنهنجي خلاف داخل ڪيس ۾ سيشڻ ڪورٽ لاهور ۾ عبوري ضمانت جي لاءِ درخواست ڏني هئي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلم پنجوتها درخواست تي ٻڌڻي ڪئي  جنهن کان پوءِ عدالت پوليس کي  جاويد لطيف کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

عدالت 50-50 هزار  روپين جي مچلڪن عيوض جاويد لطيف جي  ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان جاويد لطيف بابت رڪارڊ طلب ڪيو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي هڪ شهري تڪراري تقرير جي معاملي تي ليگي اڳواڻ جاويد لطيف جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔