ڪورونا وائرس: اين سي او سي پابندين ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن سبب نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اين سي او سي اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪورونا سبب لڳايل پابندين ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. اسد عمر  چيو ته وڌندڙ هاڪاري ڪيسن سبب مختلف سرگرمين تي پابندين جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسلام آباد ۽ صوبائي انتظاميه کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙين تي اسلام آباد ۽ صوبائي انتظاميه کي ڪريڪ ڊائون جو چيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔