وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد به ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد به ڪورونا ويڪسين لڳرائي ڇڏي آهي. هن سي ڊي اي اسپتال مان سائنوفارم(چيني) ويڪسين لڳرائي. واضح رهي ته گهرو وزير شيخ رشيد احمد کي  گذريل سال ڪورونا  وائرس ٿي چڪو آهي جڏهن ته آئسوليشن جي دوران ان جي طبيعت اوچتو خراب ٿي هئي ۽ ان جي ڀائٽي راشد شفيق ٻڌايو هو ته وفاقي وزير کي جسم ۾ آڪسيجن جو تناسب 92 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان جا ڦڦر ڪورونا مان 10 سيڪڙو متاثر ٿيا آهن.

ياد رهي ته شيخ رشيد کان اڳ وزيراعظم عمران خان به ڪورونا ويڪسين لڳرائي هئي. صدر عارف علوي،  تعليم واري وزير شفقت محمود سميت ڪيترين ئي شخصيتن ڪورونا ويڪسين لڳرايون آهن سڄي ملڪ ۾ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو عمل جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔