براڊ شيٽ جاچ مڪمل: 15 لک ڊالرن جي ادائيگي وارو رڪارڊ غائب ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: براڊ شيٽ ڪميشن جاچ مقرر وقت تي مڪمل ڪري ورتي. جڏهن ته قوم جا اربين روپيه هڙپ ڪندڙ براڊ شيٽ ڪميشن جي ريڊار تي اچي ويو آهي.

وفاقي ڪابينه نيب ۽ براڊ شيٽ جي معاملي تي(ر) ججز جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. جڏهن ته براڊشيٽ ڪميشن جاچ مقرر وقت تي ئي مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ڪميشن جاچ رپورٽ وزيراعظم آفيس  ڏانهن  اماڻي ڇڏي آهي جيڪا جوائنٽ سيڪريٽري زاهد مقصود وصول ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته براڊشيٽ ڪميشن رپورٽ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ 500 صفحن تي ٻڌل آهي رپورٽ موجب قوم جا اربين روپيه هڙپ ڪندڙ براڊ شيٽ ڪميشن جي ريڊار تي اچي ويو آهي. معاهدو ڪنهن ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري ڪيو. سڀني جي سامهون اچي ويو. براڊ شيٽ جي رقم غلط ماڻهن کي ڪنهن ادا ڪئي. جاچ ڪميشن خبر وٺي ڇڏي. براڊ شيٽ ڪميشن 24 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا. هڪ اڳوڻي عورت ليگل ڪنسلٽنٽ طلبي جي باوجود ڪميشن ۾ پيش نه ٿي. ڪميشن 9 فيبروري تي ڪم شروع ڪيو هو ۽ اڄ جاچ جا ڇهه هفتا مڪمل ٿيندا.

ذريعن موجب براڊشيٽ ڪميشن جا سمورا تفصيل نيب جي دستاويزن ۾ ملندا ۽ جاچ ۾ براڊ شيٽ ڪمپني کي 15 لک ڊالر جي ادائيگي جو رڪارڊ غائب ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته براڊشيٽ ڪمپني کي 15 لک ڊالر رقم جي غلط ادائيگي ڪئي وئي. غلط شخص کي ادائيگي رياست پاڪستان سان ڌوڪو آهي ادائيگي کي صرف بي احتياطي قرار نٿو ڏئي سگهجي. ناڻي واري وزارت، قانون ۽ اٽارني جنرل آفيس مان فائلون چوري ٿي ويون. پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن مان به ادائيگي جي فائل مان لکت وارو حصو غائب ٿي ويو.

واضح رهي ته نيب مشرف واري دور ۾ پرڏيهه ۾ لڪايل پاڪستانين جي اثاثن جي خبر  وٺڻ لاء ِبرطانوي ليگل فرم براڊشيٽ ايل ايل سي جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. نيب براڊشيٽ سان معاهدو طئي ڪيو جيڪو 2003 ۾ ختم ڪيو ويو هو جنهن تي  فرم هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي هئي. گلوبل آربيٽريشن ريويو  موجب فرم پاڪستان جي خلاف 600 ملين ڊالر جي دعويٰ ڪئي وئي هئي پر هڪ سينئر عهديدار وڌيڪ ٻڌايو ته 340 ملين جي دعويٰ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔