قطر ۾ خود ڪفيل جو نظام ختم

دوحا: خليجي ملڪ قطر پرڏيهي ملازمن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ٻين ۽ مراعتن جي قانون لاڳو ڪري ڇڏيو.
عالمي خابرو اداري موجب قطر پرڏيهي ملازمن جي پگهارن ۽ مراعتن بابت قانون لاڳو ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي، هي قانون فوري طور تي عمل جوڳو هوندو جنهن تي آجر کي لازمي طور عمل ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ان تي ڏنڊ هنيو ويندو، ان قانون جي لاڳو ٿيڻ سان ملڪ ۾ ڪفيل جو نظام به ختم ٿي ويندو.
قطر جي مزدور ترقي ۽ سياسي معاملن بابت وزارت تصديق ڪئي آهي ته نئين قانون تحت ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي ملازمن جي پگهار ماهوار هڪ هزار قطري ريال مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪمپنين کي پرڏيهي ملازمن جي رهائش ۽ خوراڪ جي انتظام جو پابند بڻايو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔