والد پاران امڙ کي ڇڏڻ سبب پاڪستان اچڻو پيو: مٿيرا

ڪراچي: پاڪستان جي تڪراري شخصيت اداڪاره ۽ ميزبان مٿيرا چيو آهي ته والد پاران امي کي ڇڏڻ سبب پاڪستان آياسين.
تازو اداڪار مٿيرا هڪ ويب شو ۾ جلوه ڏيکاريا آهن ۽ انٽرويو دوران مٿيرا سندس والد بابت انڪشاف ڪندي چيو ته سندس والد زمبابوي جو سياستدان هو پر جڏهن اتي موگابي اقتدار ۾ آيو ته منهنجي والد ۽ والده ۾ طلاق ٿي وئي.
مٿيرا موجب سندس والد اپوزيشن پارٽي سان تعلق رکندو هو ۽ روبن موگابي جي اقتدار ۾ اچڻ سبب هو لنڊن هليو ويو.
مٿيرا ٻڌايو ته والد لنڊن وڃڻ کان پهريان چڏي ڏنو هو جنهن ڪري اسان کي رات پيٽ ۾ پاڪستان اچڻو پيو، هي زندگي جو خوفناڪ واقعو هو جنهن جي ڪري اسان کي شديد صدمو پهتو.
انٽرويو دوران مٿيرا وڌيڪ چيو ته ان وقت مونکي لڳندو هو ته اهو هڪ وڏو صدمو آهي پر هاڻ سوچيان ٿي لڳي ٿو جيڪو ٿيو سو ٺيڪ ئي ٿيو، جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ته آئون پاڪستان ڪيئن اچان ها؟ پاڪستان مونکي هڪ نالو ڏنو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔