عليم ڊار جا چار سئو ميچ مڪمل

لاهور: سي سي ايليٽ پاڪستاني امپائر عليم ڊار 400 انٽنيشنل ميچ مڪمل ڪري ورتا، وڌيڪ ٽي 20 سپروائزر جو اعزاز حاصل.
عليم ڊار احسن رضا کان سڀ کان وڌيڪ ٽي ٽوئنٽي ميڇز سپروائيز ڪرڻ جو به اعزاز کسي ورتو آهي، هو هن وقت تائين 136 ٽيسٽ، 211 ون ڊي ۽ 53 ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ ذميواريون سنڀالي چڪو آهي.
عليم ڊار ان اعزاز جي حوالي سان پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته آئون 400 انٽرنيشنل ميڇز سپروائيز ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي ماءُ پيءُ جي نالي ٿو ڪريان.
هن آءِ سي سي، پي سي بي ۽ ميڊيا سان گڏ پنهنجي ڪلب پي اينڊ ٽي جيمخانه جي روح روان اظهر زيدي ۽ ٻين سمورن ميمبرن جو ٿورو مڃيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔