انگلينڊ جي ڊيوڊ ملان بابراعظم جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

لاهور: انگلش ٽيم جي رانديگر ڊيوڊ ملان قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جو تيز ترين 1000 ٽي توئنٽي رنز جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ڊيوڊ ملان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ تيز ترين 1000 رنز ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي.
ملان 24 اننگز ۾ ريڪارڊ ٽوڙيو جڏهن ته پاڪستان جي بابراعظم 26 اننگز ۾ 1000 ٽي ٽوئنٽي رنز ٺاهيون هيون.
انگلش رانديگر هي سنگ ميل ڀارت خلاف پنجين ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ ۾ عبور ڪيو، هن ڀارت خلاف ميچ ۾ 46 بالن تي 68 رنز اسڪور ڪيو پر پنهنجي ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو ۽ ميزبان ٽيم سيريز 3-2 سان پنهنجهي نالي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔