چارجر کان سواءِ آءِ فون وڪرو ڪرڻ تي ايپل مٿان اوڻيهه لک ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو

برازيل ۾ صارفين جي حقن جو تحفظ ڪندڙ ايجنسي آمريڪي ڪمپني ايپل کي چارجر کان سواءِ آءِ فون وڪرو ڪرڻ تي 19 لک ڊالرن جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.ايجنسي ايپل ڪمپني کي هدايت ڪئي هئي ته موبائل فون سان گڏ چارجر ۽ چارجنگ ڪيبل به اماڻي وڃي. پر ڪمپني هڪ تڪراري فيصلو ڪندي نئين آءِ فون جي ڊبن مان چارجر ۽ ايئر پوڊ ڪڍي ورتا. آمريڪي ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايپل 2030 تائين ڪاربن مان پاڪ فضا لاءِ ڪوشان آهي ۽ اهو فيصلو به ان حوالي سان ڪيو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته آءِ فون جي ڊبي مان جيڪڏهن ايئرپوڊ ۽ چارجر ڪڍيو وڃي ته پيڪنگ مٽيريل 7 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو. ائين ڪرڻ سان ڪمپني گهٽ جڳهه ۾ وڌيڪ موبائل فون ٻين ملڪن ڏانهن موڪلي سگهندي ۽ سامونڊي جهازن سان ٿيندڙ ڪاربن جي نڪرڻ ۾ گهٽتائي ايندي.ان بيان کان پوءِ برازيل ۾ صارفين جي حقن جو تحفظ ڪندڙ ايجنسي چيو آهي ته ايپل کي عملي مظاهري سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته آءِ فون جي ڊبي مان چارجر ۽ آءِ پيڊ ڪڍڻ سان ڪاربن جي اخراج جو ڪيترو ۽ قيمتي ڌاتن جي استعمال ۾ ڪيتري گهٽٽائي آئي آهي. ايپل جي آءِ فون 12 کي ٻين ملڪن مان به اهڙي قسم جي تڪرارن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.فرانس جي ريگوليٽرز جو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايپل مارڪيٽ ۾ پنهنجي ساک کي برقرار رکي ٿو ته ان کي آءِ فون 12 سان گڏ چارجر ۽ ايئرپوڊ ڏيڻ گهرجن جيڪي اصلي پيڪنگ ۾ نه هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔