ايسٽرازينيڪا ڪووڊ ويڪسين محفوظ آهي: يورپين ميڊيسنز ايجنسي

ايمسٽرڊيم: گذريل ڏينهن يورپي يونين جي مرڪزي طبي اداري”يورپين ميڊيسنز ايجنسي“ (اي ايم اي) ايسٽرازينيڪا ڪمپني جي ٺاهيل ڪووڊ 19 ويڪسين کي بهتر ۽ محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو.
اهڙن خيالن جو اظهار اي ايم اي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ايمر ڪڪ هڪ آن لائن پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو.
ياد رهي ته مختلف يورپي ملڪن ۾ ايسٽرازينيڪا ويڪسين هڻائڻ بعد ماڻهن ۾ خون ڄمي وڃڻ ۽ پليٽليٽس گهٽ جهڙن شديد منفي اثرن کانپوءِ هن وقت تائين 18 يورپي ملڪن ۾ ان ويڪسين جو استعمال روڪيو ويو آهي جڏهن ته اهو انگ وڌندو پيو وڃي.
انگن اکرن موجب يورپي ملڪن ۾ ڄاڻايل ويڪسين ٻه ڪروڙ ماڻهن کي هئين وئي جن مان 469 ماڻهن ۾ خون ڄمي وڃڻ جي شديد شڪايت رپورٽ ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔