کنوڻ جي ڪري زندگي جي شروعات ٿي…شايد!

نيويارڪ: اڄ کان اربين سال اڳ کنوڻ زمين تي فاسفورس جو مقدار وڌايو هو جنهن سان زندگي لاءِ مٽيريل پيدا ٿيو هو.
هڪ نئين تحقيق سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪڙڪيدار بجلي زمين تي زندگي لاءِ لازمي جزا وکيريا هئا ۽ ان کان پوءِ زندگي پيچيده ٿيندي وئي، اها تحقيق ييل يونيورسٽي جي هڪ شاگرد بنجامن بيس ڪئي آهي جيڪو هن جي پي ايڇ ڊي مقالي جو مرڪزي حصو آهي.
بنجامن بيس چوي ٿو ته زندگي جي گاڏي هلائڻ لاءِ فاسفورس هڪ اهم عنصر آهي پر اربين سال تائين هي زمين تي عام نه هو، ان تحقيق ۾ ماهرن زور ڏيندي چيو آهي ته آخر ائين ڪڏهن ۽ ڇو ٿيو جڏهن زمين تي فاسفورس ڪارآمد ۽ عمل جي قابل بڻيو ۽ ائين ان زندگي جون بنيادي شيون مثال ڊي اين اي، آر اين اي ۽ جزن زندگي جا آثار پيدا ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔