لڳاتار تنقيد کانپوءِ چيف سليڪٽر به مورچو سنڀالي ورتو

لاهور: ٽيم سليڪشن ۾ ڪپتان ۽ ڪوچ جي تجويزن کي نظرانداز ڪرڻ تي مٿس لڳاتار تنقيد کان پوءِ هن به مورچو سنڀالي ورتو آهي، هڪ يوٽيوب انٽرويو ۾ هن پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو ته پروٽيز سان هوم سيريز لاءِ اسڪواڊ جي چونڊ 100 سيڪڙو اتفاق راءِ سان ٿي، ڏکڻ آفريقا ۽ زمباوي جي دوري لاءِ رانديگرن جي چونڊ ڪندي به ساڳي صورتحال هئي، آئون سوچان ٿو ملڪ ۾ موجود ڪهڙا 11 رانديگر انهن کان بهتر آهن.
هن چيو ته ٽيم سليڪشن تي ڪي به اختلاف ناهن، شرجيل خان ۽ فخرزمان جي چونڊ تي بحث ٿيو، شرجيل جي فٽنس کي ڏسو ته هو ون ڊي ڪرڪيٽ لاءِ بهتر ناهي، سڀني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو، موجوده فارم کي ڏسندي اوپنر کي صرف ٽي ٽوئنٽي ميچز لاءِ چونڊ ڪيو ويو، بابراعظم ۽ محمد رضوان پهريان ئي سٺو پرفارم پيا ڪن، جيڪڏهن ڪپتان ۽ ڪوچ شرجيل خان کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو ته بابراعظم ۽ محمد رضوان مان ڪنهن هڪ جو بيٽنگ آرڊر ڪجهه پوئتي ويندو.
هن چيو ته فخرزمان جي فٽنس سٺي آهي، ان ڪري انکي هڪ ڏينهن جي ميچز لاءِ بهتر سمجهيو ويو، انهن سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿيون، ڪو وڏو اختلاف نه هو، ڪپتان ۽ ڪوچ طرفان گهربل اڪثريت جي چونڊ ٿي آهي، اسان پاران هر ضرورت لاءِ موزون رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، پليئنگ اليون جو فيصلو ته بهرحال ڪپتان ۽ ڪوچ ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔