ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب آهي.

خطي ۾ امن لاءِ پراڻي مسئلي جو حل ضروري آهي. افغانستان ۾ امن عمل ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسلام آباد ۾ جاري نيشنل سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڊائيلاگ وقت جي اهم ضرورت آهي. اڄ دنيا کي مختلف قسمن جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 

هلندڙ حالتن ۾ پاڪستان کي به ڪيترائي چيلنج سامهون اچي رهيا آهن جنهن جي لاءِ اسان کي حڪمت عملي اپنائڻ جي ضرورت آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪستان سيڪيورٽي خطرن جي باوجود دفاع تي گهٽ خرچ ڪري رهيو آهي.

سيڪيورٽي  تي خرچ وڌائڻ سان انساني ترقي جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڙيسري ملڪ ۾ امن خطي ۾ امن جي ضمانت آهي. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جو وڏو سبب ڪشمير جو مسئلو آهي. خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير  مسئلي جو پرامن حل ضروري آهي.

چاهيون ٿا ته ڪشمير جو مسئلو ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ٿئي. هن چيو ته دهشتگردي تي قابو ڪرڻ لاءِ گهٽ ترقي يافته علائقن کي ترقي ڏني پئي وڃي. پاڪستان خطي ۾ هڪ ذميوار ملڪ آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ منزل جي ويجهو پهتا آهيون. پاڪستان جي جيو پوليٽيڪل حيثيت معاشي ترقي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔