سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران هيڊ ماسترن جي 22 مارچ تي رٿيل لکت واري ٽيسٽ ملتوي

حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران هيڊ ماسترن ۽ هيڊماسترياڻين جي 22 مارچ تي رٿيل لکت واري ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي. ڪميشن پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽيسٽ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو گهرو وزارت جي سفارش تي ڪيو ويو، جنهن ڪورونا وائرس جي خدشي سبب ٽيسٽ ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. واضع رهي ته هيڊماسترن جي لکت ٽيسٽ ۾ 30 هزار اميدوارن کي حصو وٺنو هو، جڏهن ته ڪميشن پنهنجي پڌرائي ۾ ڄانايو آهي ته ٻيون ٽيسٽون شيڊول موجب ٿينديون ڇاڪاڻ ته انهن ۾ اميدوارن جو انگ گهٽ آهي، تنهنڪري اهي ايس او پيز تحت منعقد ڪرايون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔