سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون

ڪراچي: سنڌ حڪومت طرفان سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي جتان ثاقب اسماعيل ميمڻ کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي اوڀر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. نعمان صديقي کي ڪراچي اوڀر مان بدلي ڪري ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقرر ڪيو ويو آهي. ذوالفقار مهر کي ڊي آءِ جي ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي جتان ذوالفقار لاڙڪ کي بدلي ڪري ڊي آءِ جي ايڊمن ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان تازو ترقي ماڻيندڙ عارف حنيف کي ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمنٽ ۽ ٽريننگ سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔