طاقتور ڌرين کي قوم جو دفاع ڪرڻ کپي نه ڪي نااهل حڪومت جي پاسي بيهڻ گهرجي:فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان اعتراف ڪري ته هو نااهل آهي ۽ ملڪ ۾ فوري طور نيون چونڊون ٿيڻ گهرجن. مولانا فضل الرهما چيو ته طاقتور ڌرين کي قوم جو دفاع ڪرڻ گهرجي نه ڪي نااهل حڪومت جي پاسي بيهڻ گهرجي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فض الرحمان چيو ته جيل وڃڻ جو حوصلو ناهي ته پوءِ سياست ۾ اچو ٿا؟ ڪو ساٿ نه هجي يا هڪ اڌ ڇڏي وڃي تحريڪون رڪجنديون ناهن، هن رستي ۾ جيل به ايندا ته اقتدار به. هن چيو ته جيڪڏهن عوام جي حمايت هجي ته هڪ پارٽي به تبديلي آڻي سگهي ٿي. جڏهن اتحاد ۾ گهڻيون پارٽيون هونديون آهن ته سڀني جا پنهنجا مقصد هوندا آهن، پي ڊي ايم به هيٺ مٿانهين مان گذري اڳتي وڌندو، مورچا تبديل ٿيندا رهندا آهن، سياست اڳتي وڌڻ جو نالو آهي، اسان حڪمرانن کي سڪون جي ننڊ سمهڻ نه ڏينداسين. مولانا فض الرحمان چيو ته اڳتي وڌي حملو ڪرڻ لاءِ پوئتي هٽڻ جي حڪمت عملي ۾ ڪا خرابي ڪانهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔