سپريم ڪورٽ پاران جسٽس فائز عيسيٰ نظرثاني درخواستون لائيو ڏيکارڻ بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائرز عيسيٰ نظرثاني درخواستون لائيو ڏيکارڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته سرڪاري وڪيل ڪالهه انگريزي زبان ڳالهائڻ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن پاڪستان ٺهيو تڏهن 3 زبانون هيون، اردو ۽ انگريزي جي علاوه هتي بنگالي ڪنهن کي نٿي اچي، هن چيو آهي ته بلوچستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو، مشرف ۽ ضياء جا نالا کڻندي اسان کي ڏڪڻي وٺي ويندي آهي، ضياءُ ۽ مشرف قوم جا نوڪر هئا، اسان ججز به قوم جا نوڪر آهيون، جسٽس قاض فائز عيسيٰ چيو ته وزيراعظم ۽ قانون واري وزير ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ بابت منهنجي درخواست جي مخالفت ناهي ڪئي، مون سمورن ڪيسز نه، رڳو پنهنجي ڪيس جي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جي درخواست ڪئي آهي، آئون ڏيکارڻ چاهيان ٿو ته عدالت سڀني کي عوامي سطح تي احتساب جوڳو بڻائيندي آهي، جسٽس عمر عطا بنديال کانسواءِ بئنچ ۾ شامل سمورا ججز منهنجا جونيئر آهن، پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي ته جونيئر جج ڪڏهن به سينيئر خلاف فيصلو نه ڏيندا، چيو ويو ته عدالتي مامرو فُل ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو وڃي، چيف جسٽس فُل ڪورٽ جي ميٽنگ ئي طلب نه ڪري ته ڇا ٿيندو؟ حڪومت چيو ته ماڻهو جاهل آهن، عدالتي ڪارروائي نه سمجهي سگهندا، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪالهه توهان گٽر جو لفظ استعمال ڪيو، اُهو به ميڊيا تي آيو، توهان جو هر لفظ ميڊيا تي رپورٽ ٿيو آهي، توهان جج آهيو، لفظن جي چونڊ ۾ احتياط ڪريو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت کي مختصر فيصلو جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔