پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس 4 اپريل تي طلب

ڪراچي: پيپلز پارٽي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس 4 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اسيمبلين تان استعيفائون ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 4 اپريل تي ئي راولپنڊي ۾ جلسو منعقد ڪيو ويندو. واضع رهي ته پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين جماعتن پاران پ پ کي مهلت ڏني وئي آهي ته اها اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ واري معاملي بابت پوزيشن واضع ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔