اليڪشن ڪميشن ۾ جي يو آءِ (ف) جو نالو تبديل ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ جي يو آءِ (ف) جو نالو تبديل ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواستگذار شجاع الملڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان کي ٻڌڻ بنا جي يو آءِ (ف) جو نالو تبديل ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته ڇا جي يو آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ هئي؟،جنهن تي وڪيل چيو ته جي يو آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ ناهي، اليڪشن ڪميشن پاڪستان جو نالو واپس وٺي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪميشن پنهنجو فيصلو واپس نٿي وٺي سگهي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔