فيصل واوڊا جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ،وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو حلف نامو پيش ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل واوڊا جي نااهلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي  ٿي، جنهن سلسلي ۾ فيصل واوڊا جي وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو حلف نامو پيش ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر خلاف سموريون درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي، وڪيل جو چوڻ هو ته فيصل واوڊا قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهي، پر ڪميشن اڳ ئي پنهنجو ذهن ٺاهي چڪو هو، فيصل واوڊا جي وڪيل جي بيان تي پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو،  ميمبر وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي ته اسان مائينڊ ٺاهي ويٺا آهيون، هڪ سال کان معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، مائينڊ ٺاهي ويٺا هجون ها ته ڇا ايترو ٽائيم لڳي ها؟. اليڪشن ڪميشن ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔