نيب مريم نواز کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) مريم نواز کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ 26 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي.

نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب مريم نواز کي جاتي امراءَ ۾ 1500 ڪئنال ايراضي جي غيرقانوني منتقلي جي جاچ جي لاءِ گهرايو ويو آهي. نيب جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته شريف فيملي 2013 ۾ تقريبن ساڍا 3 هزار ڪئنال ايراضي انتظاميه جي مدد سان حاصل ڪئي ۽ بيورو ڪريسي جي مدد سان 2015 ۾ لاهور جو ماسٽر پلان ئي تبديل ڪرايو ويو.

نيب پاران جاري ڪيل نوٽيس موجب  آفيسرن ۾ ان وقت جي ڊي سي او نورالامين مينگل ڊي جي ايل، ڊي اي احد چيمه  ۽ ٻيا شامل آهن.

نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انتظاميه جي  مدد سان جاتي امراءَ ۾ هزارين ڪئنال ايراضي کي گرين لينڊ ايريا کي ڊڪليئر ڪرايو ويو.

نيب لاهور جي نوٽيس ۾ مريم نواز کي سمورو گهربل رڪارڊ گڏ آڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔