پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب ان سلسلي ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل طرفان  پيپلز پارٽي کي حمايت جو يقين ڏياريو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي وٽ سينيٽ ۾ پنهنجا 21 ووٽ آهن جڏهن ته اي اين پي ۽ بي اين پي مينگل جا سينيٽ ۾ 2-2 ميمبر آهن.

ذريعن موجب پيپلز پارٽي طرفان شيري رحمان کي اپوزيشن اڳواڻ نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ پيپلز پارٽي 25 سينيٽرز جي صحيحن واري درخواست ڪجهه ڏينهن ۾ سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڏيندي.

واضح رهي ته اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ جي اجلاس ۾ سينيٽ ۾ پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ جي معاملي تي(ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي  وچ ۾ اختلاف سامهون ايا جنهن ۾(ن) ليگ سينيٽ ۾  پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻن جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ آڻڻ تي قائم آهي.

پي ڊي ايم ۾ استعيفائن جي معاملي تي به اختلاف ظاهر ٿي چڪا آهن جنهن سبب 26 مارچ کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ ملتوي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔