ڪورونا وبا جي صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ پابنديون لڳايون وينديون: اسد عمر

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال بهتر نه ٿي ته وڌيڪ پابنديون لڳايون وينديون.

سماجي رابطن جي ويب سائٽس تي شيئر ڪيل پيغام ۾ هن جو چوڻ هو ته ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح ۾ واڌ ٿي آهي جنهن سبب اسپتالن تي وزن وڌي ويو آهي. اين سي او سي جي سربراهه عوام کي پيغام ڏنو آهي ته ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته صورتحال بهتر نه ٿي ته پابنديون وڌيڪ سخت ڪري سگهجن ٿيون.

ڪورونا جي نئين قسم تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن سبب فوتگيون وڌي رهيون آهن. ياد رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن دوران 61 فوتگيون ۽ 3 هزار 495 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔