فارن فنڊنگ ڪيس: عمران خان جي اپيل تي اڪبر ايس بابر کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي حوالي سان عمران خان جي اپيل تي اڪبر ايس بابر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي اءِ فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت عمران خان جي اپيل تي اڪبر ايس بابر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پارٽي جي فنڊنگ جو ڪيس اڃان ٻڌڻي هيٺ آهي ته مسئلو ڪهڙو آهي؟  جنهن تي عمران خان جي وڪيل انور منصور خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي تي ڪوبه اعتراض ناهي. ڪيس ڪرڻ کان اڳ اڪبر بابر کي تحريڪ انصاف مان ڪڍيو ويو هو.

اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته اڪبر بابر کي پارٽي پارٽي جو ميمبر قرار ڏئي. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلن ۾ چئي چڪي آهي ته اليڪشن ڪميشن ٽربيونل يا ڪورٽ ناهي جو فيصلو ڪري. اوهان کي فارين فنڊنگ ڪيس تي ڪو اعتراض ناهي صرف اڪبر ايس بابر جي ڪيس ۾ موجودگي تي اعتراض اهي؟

جسٽس مشير عالم پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪيئن چئي سگهو ٿا ته فارين فنڊنگ ڪيس ڪرڻ وقت اڪبر ايس بابر پارٽي جو ميمبر نه هو؟  انور منصور خان چيو ته اڪبر ايس بابر کي 26 سيپٽمبر 2011 ۾ مستقل طور تي تحريڪ انصاف مان ڪڍڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. وڪيل اڪبر ايس بابر چيو ته پارٽي مان ڪڍڻ جو نوٽيس ڪنهن به فورم تي پيش ناهي ڪيو ويو. عدالت اڪبر ايس بابر کي ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔