ڪورونا ويڪسين: آمريڪي ڪمپني ٻارن تي ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو

واشنگٽن:عالمي وبا قرار ڏنل ڪورونا وائرس سبب ٻارن کي محفوظ رکڻ جي لاءِ تيار ڪيل ويڪسين جو ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي.ويڪسين آمريڪي ڪمپني موڊرنا تيار ڪئي آهي. رپورٽ موجب ٻارن تي ڪورونا 19 ويڪسين جو ٽرائل شروع ڪيو ويو آهي. ٽرائل جي پهرين مرحلي ۾ ڇهه هزار 750 ٻارن کي شامل ڪرڻ جي منصوبه بندي ڪئي وئي آهي. موڊرنا جي سي اي او اسٽيفن بينسل ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته اسان ايم آر اين اي 1273 ڪورونا ويڪسين جو ٽرائل آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ صحتمند ٻارن کان شروع ڪري رهيا آهيون.ماهرن موجب بالغ ماڻهن جي مقابلي ۾ ڪورونا 19 سان متاثر ٿيندڙ ٻارن جو انگ تمام گهٽ آهي. پر پوءِ به هو بيماري جو شڪار ٿي سگهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ وائرس اڳيان پکڙجي سگهي ٿو. فائزر فيبروري ۾ اعلان ڪيو هو ته هو پنج سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي ٻارن تي ڪورونا ويڪسين جي آزمائش شروع ڪندي.آڪسفورڊ به 6 کان 17 سالن جي عمر جي ٻارن ۾ ويڪسين سبب پيدا ٿيندڙ مدافعي رد عمل جي جانچ پڙتال جو فيصلو ڪيو آهي. جانسن اينڊ جانسن به تازن ڄاول ٻارن کان وٺي 18 سالن تائين جي عمر جي ٻارن تي هڪ سنگل ڊوز ڪورونا ويڪسين جي آزمائش ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪري چڪي آهي. بالغ ۽ پوڙهن ماڻهن جي لاءِ نئين ڪورونا ويڪسين کي متعارف ڪرايو ويو آهي پر ٻارن جي لاءِ اڃان تائين ڪابه ويڪسين دستياب نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔