مختصر وڊيو ٺاهيو ۽ فيس بڪ تان پئسا ڪمايو

لنڊن: سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ جا ڪجهه صارفين هاڻ مختصر وڊيو پوسٽ کي آمدني جو ذريعو بنائي سگهن ٿا.فيس بڪ طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته هاڻ صارفين هڪ منٽ جي مختصر وڊيوز ۽ لائيو اسٽريم سان گڏوگڏ اشتهارن جي ذريعي به آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا. فيس بڪ ايپ مونيٽائزيشن جي ڊائريڪٽر يوو آرنسٽائن جو چوڻ آهي ته ڪمپني هن پروگرام جي ذريعي مختصر ۽ لائيو وڊيوز ٺاهيندڙن کي بااختياربنائڻ چاهي ٿي.فيس بڪ طرفان ڪيل هن نئين اعلان کي سوشل ميڊيا سائٽ ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ هڪ مقابلو تصور ڪيو پيو وڃي. هڪ رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ صارفين ايپ ڪيريئرفنڊز جي تحت ويوز کي آمدني جو ذريعو بنائيندا آهن. ايپ ڪرينٽرز فنڊ جي ميمبرن لاءِ اپلائي ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي دوران 10 هزا فالورز ۽ ويوز جو هجڻ ضروري آهي.هن پروگرام جي ذريعي صارفين کي هر 1000 ويوز تي 2 کان 4 سينٽ جي آمدني ٿيندي آهي. فيس بڪ جي اعلان ڪيل پروگرام موجب فيس بڪ تي مختصر وڊيوز جي ذريعي آمدني حاصل ڪندڙ صارف وٽ 10 هزار فالورز سان گڏوگڏ گذريل ٻن مهينن جي دوران 6 لک ويوز ۽ گهٽ ۾ گهٽ 5 وڊيوز يا لائيو اسٽريم جو هجڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔