پي ڊي ايم ٺاهڻ مهل استعيفائن جو آپشن رکيو ويو هو: فضل الرحمان

پشاور: پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پ پ جي موقف جي نفي ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم ٺاهڻ مهل استعيفائن جو آپشن رکيو ويو هو، اهو ڪٿي به طئي نه ڪيو ويو هو ته استعيفيٰ آخري آپشن هوندو ۽ ايٽم بم وانگر هوندو. هن چيو ته گذريل ڏينهن 10 مان 9 پارٽين چيو ته لانگ مارچ تي استعيفائون ڏئي وڃڻ گهرجي، ٻيو نه ته قومي اسيمبلي مان ئي استعيفائون ڏيڻ گهرجن ته اڌ ايوان خالي ٿي ويندو پر پيپلز پارٽي نه مڃيو. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي سي اي سي کان مشوري جي مهلت گهري، جيڪا ڏني وئي، پي ڊي ايم ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن پر اتحاد متحد آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان مذهبي ڪارڊ استعمال نٿا ڪريون، آئين جي دائري ۾ رهي ڳالهه ڪيون ٿا. واضع رهي ته گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ اختلاف سامهون آيا هئا ۽ 26 مارچ تي رٿيل لانگ مارچ ملتوي ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔