نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ فون تي رابطو، آصف زرداري جو رويو افسوسناڪ قرار

ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران پي ڊي ايم جي ڪالهه واري ٿيل سربراهي اجلاس بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ آصف زرداري جي رويي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اسان 90 واري سياست کي ويساري پي ڊي ايم جو ڀرپور ساٿ ڏنو، ذريعن موجب نواز شريف سان فون تي رابطي دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته آصف زرداري جي رويي تي مون کي به ڏک رسيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔