وزير اعظم جو چونڊ سڌارن جي ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چونڊ سڌارن جي ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ وزير اعظم لکيو آهي ته هاڻوڪين سينيٽ چونڊن ۾ هڪ ڀيرو وري پيسو هليو، ڪرپٽ پريڪٽس کي روڪڻ لاءِ سڌارا اڻٽر آهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ايندڙ چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا چاهيون ٿا، اليڪشن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر ٿي ويو آهي، سپريم ڪورٽ چئي چڪي آهي ته بيلٽ جو ڳجهو هجڻ دائمي ناهي. خط جي متن ۾ وزير اعظم جو اسپيڪر کي چوڻ هو ته ووٽنگ ۾ ڪرپشن جو سبب بڻجندڙ سمورن عنصرن جو خاتمو لازمي آهي، اسان قومي اسيمبلي ۾ بل به آندا، سپريم ڪورٽ به وياسين، بدقسمتي سان اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڪو ڌيان نه ڏنو، موجوده چونڊ نظام سبب چونڊن جي ساک تباهه ٿي وئي آهي، وزيراعظم اسپيڪر کي چيو ته چونڊ سڌارن لاءِ بين الجماعتي ڪميٽي ٺاهي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔