آغا سراج دُراني جي ضمانت وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ۾ اسپيڪر آغا سراج دُراني جي ضمانت وارو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ آغا سراج ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس ٻيهر سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ حقيقتن جو جائزو وٺي ٻن مهينن اندر ٻيهر فيصلو ڪري، ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ضمانت جا ڪارڻ بيان نه ڪيا آهن، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جا ڪارڻ بعد ۾ جاري ڪيا ويندا..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔