شاگرد عرفان جتوئي کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ خلاف احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

سکر: سکر پوليس جو ڪارنامو، شاگرد عرفان جتوئي کي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ خلاف احتجاج ڪندڙ اڳواڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، سائيٽ ايريا ٿاڻي تي سرڪار جِي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رياض چانڊيو، مجيد ميراڻي، امداد منگي، آصف راهوجو، غلام نبي خروس، نبي بخش، آدم عرف ساجد ڀٽي، روشن خروس، رستم ارشاد، ساحل جوڳي ۽ امداد ڦلپوٽو سوڌو 70 کان وڌيڪ جوابدار طور نامزد ڪري ڇڏيو، قومپرست، سياسي توڙي سماجي اڳواڻن خلاف داخل ڪيس ۾ ايس ايس پي سکر ۽ سندس ڪٽنب کي ڌمڪين ڏيڻ سوڌو قومي ادارن خلاف بغاوت جون تقريرون ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا آهن، پوليس سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ ڌاڙيل منير مسراڻي، مشتاق سرڪي، قادر چانڊيو، آدم شنڀاڻي ۽ ٻين کي به جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته روهڙي پوليس جي جڙتو مقابلي ۾شاگرد عرفان جتوئي کي مارڻ خلاف سکر ۾ قومپرست ۽ سياسي سماجي تنظيمن احتجاج ڪيو هو……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔