اداڪاره ريکا جو گلوڪاري وارو شوق پورو ڪرڻ لاءِ انوکو انداز

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره ريکا گلوڪاري جو شوق پورو ڪرڻ جي لاءِ انوکو انداز اپنائي ورتو آهي.ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور ليجنڊري اداڪاره ريکا کي ڪير نٿو سڃاڻي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ريکا ڪنهن به فلم جو حصو ناهي رهي. پر ڪنهن ايوارڊ فنڪشن يا تقريب ۾ ريکا ضرور نظر ايندي آهي.اداڪاري جي ميدان ۾ ريکا جو ڪوبه ثاني ناهي پر هن کي ڳائڻ جو به تمام گهڻو شوق آهي جنهن کي هاڻ پورو ڪرڻ جي لاءِ اداڪاره انوکو انداز اپنايو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره ريکا ڳائڻ جو شوق پورو ڪرڻ جي لاءِ مختلف بالي ووڊ اداڪارن کي فون ڪندي آهي ۽ کين پنهنجو گيت ٻڌائيندي آهي. پوري بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه ريکا جي گلوڪاري جا چرچا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔