ٽن ڇوڪرين جي انڪار کان پوءِ هڪ ڇوڪري مون کي پسند ڪيو: عامر خان

ممبئي: بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان چيو آهي ته محبت جي معاملي ۾ مون کي ماضي ۾ 3 ڇوڪرين طرفان رد ڪيو ويو آهي.عامر خان جي ڪرن رائو سان شادي کي 15 سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر ماضي ۾ هڪ اهڙو وقت به گذري چڪو آهي جڏهن عامر خان محبت جي معاملي ۾ پاڻ کي ڪافي بدقسمت مڃيندو هو.ڀارتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي عامر خان پنهنجي پهرين محبت بابت انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته مون کي جڏهن پهريون ڀيرو محبت ٿي هئي ان وقت منهنجي عمر 10 کان 11 سال هئي اها محبت خاموش ۽ هڪ طرفي هئي مان ان ڇوڪري سان محبت ڪندو هئس پر شرميلو هجڻ سبب ملاقات ۾ به ان سان پنهنجي جذبات جو اظهار نه ڪري سگهيس.عامر خان چيو ته مون کي محبت جي معاملي ۾ 3 ڇوڪرين طرفان رد ڪيو ويو هو. ٽيون ڀيرو رد ڪرڻ کان پوءِ مون کي محسوس ٿيندو هو ته محبت منهنجي لاءِ نه آهي. پر ان کان پوءِ مون کي به هڪ اهڙي ڇوڪري ملي جنهن مون کي پسند ڪيو.ياد رهي ته عامر خان جي پهرين شادي ان جي پاڙيسري رينادته سان ٿي هئي جنهن مان ان جا 2 ٻار جنيد ۽ ايرا به آهن پر شادي جي 16 سالن کان پوءِ عامر ۽ رينا جي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔