والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل وادي ۾ قابض فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي شوپيان ۾ قابض فوج رياستي دهشتگردي جي دوران فائرنگ ڪري وڌيڪ هڪ ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج علائقي ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران نوجوان کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو جڏهن ته آپريشن اڃان تائين جاري آهي.ٻئي طرف قابض فوج جي آپريشن کان پوءِ ڪنهن به قسم جي مظاهري کان بچڻ جي لاءِ علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس کي معطل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به والاريل وادي جي ضلعي اسلام آباد ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪندي قابض فوج انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔