جوبائيڊن انتظاميه جي رابطن باوجود اتر ڪوريا پاران هٺ ڌرمي جو اظهار

واشنگتن: آمريڪا جي نئين حڪومت طرفان گذريل مهيني اتر ڪوريا سان رابطي جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون پر ڪم جونگ ان جي طرفان اڃان تائين ڪوبه جواب سامهون ناهي اچي سگهيو.آمريڪي خابرو اداري سي اين اين هڪ اعليٰ حڪومتي عهديدار جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته جوبائيڊن انتظاميه ڪيترائي ڀيرا اتر ڪوريا جي سربراهه سان ڳالهه ٻولهه جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان طرفان ڪنهن به قسم جو جواب ناهي ڏنو ويو. بائيڊن انتظاميه جي اعليٰ عهديدار سي اين اين کي ٻڌايو ته صدارت سنڀالڻ کان پوءِ ڪيترائي ڀيرا صدر بائيڊن اتر ڪوريا جي سربراهه سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهش جو اطهار ڪيو هو ته جيئن خطي ۾ جارحيت ۽ دٻاءُ کي گهٽ ڪري سگهجي.اعليٰ عهيدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي سي اين اين کي ٻڌايو ته آمريڪا پاران اتر ڪوريا سان رابطي جون ڪوششون فيبروري ۾ ڪيون ويو هيون پر هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود اڃان تائين ڪوبه جواب ناهي آيو. واضح رهي ته آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن وچ ۾ ٻه ملاقاتون گذريل سال ٿيون هيون جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي سربراهن به تاريخي ملاقات ڪئي هئي پر ان غير معمولي ملاقاتن جا نتيجا سامهون ناهن اچي سگهيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔