پيٽرول وري مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد : آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم اسمن جي اگهن واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب موجوده ليوي جي بنياد تي پيٽرول 5 رپيا 50 پئسا تائين مهانگو ٿي سگهي ٿو ۽ ڊيزل جو اگهه پوڻن 6 رپين تائين وڌڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت في ليٽر پيٽرول تي ليوي جي موجوده شرح 12 رپيا 65 پئسا ۽ في ليٽر ڊيزل تي ليوي جي موجوده شرح 12 رپيا 53 پئسا آهي.
اوگرا پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ تبديلي جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي ۽ حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔