ورلڊ ڪپ سپرليگ: پاڪستان جي پنجين پوزيشن خطري ۾ پئجي وئي

ڪراچي: آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپرليگ ۾ پاڪستان جي پنجين پوزيشن به خطري ۾ پئجي وئي.سريلنڪا جي خلاف ٻيون ون ڊي ميچ کٽي ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڇهين نمبر تي پهچي وئي. ان جا پوائنٽس پاڪستان جي برابر 20 آهن.آئي لينڊرز سان ٽيون ميچ کٽي ٽيم اڳيان نڪري سگهي ٿي. هن وقت آسٽريليا 40 پوائنٽن سان پهرين نمبر تي موجود آهي. بنگلاديش، انگلينڊ ۽ افغانستان 30-30 پوائنٽن سان گڏ لاڳيتو ٻئين کان چوٿين نمبر تي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔