عام هيڊ فون کي طبي سينسر ۾ بدلي ڪندڙ چِپ

نيويارڪ: سڄي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ هيڊ فون ۽ ايئر فون صرف آواز ٻڌڻ جي لاءِ استعمال ٿيندا آهن پر هاڻ هڪ چِپ جو اضافو ڪري ان کي وڌيڪ ڪم جي سينسر ۾ بدلائي سگهجي ٿو.رنگرز يونيورسٽي جي انجنيئرن انتهائي گهٽ خرچ ۽ آسان چِپ ٺاهي آهي جيڪا هيڊ فون کي سينسر بنائي ڇڏيندي آهي ۽ ان جي ريڊنگ اسمارٽ فون تي اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اڃان اهو سينسر وڏو آهي پر ان کي وڌيڪ حساس ۽ ننڍو بنائي سگهجي ٿو جنهن تي ڪم جاري آهي ان ايجاد کي بيڊفائي جو نالو ڏنو ويو آهي.اهڙي طرح سڄي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ لکين ڪروڙين هيڊ فونز کي ڪارآمد سينسر ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح هڪ چپ جي اضافي سان هيڊ فون دل جي ڌڙڪن ناپڻ، جائرواسڪوپ، اسراغ پيما(ايسيلروميئر) مائيڪرو فون ۽ ٻين اوزارن جو ڪم ڪري سگهن ٿا. هن ايجاد جي تحت 3 ڊالر کان وٺي 15 هزار ڊالرن جا هيڊ فون استعمال ڪيا ويا ان کان پوءِ بيڊفائي 97 کان 99.5 تائين صحيح طريقي سان يوزر جي سڃاڻپ ڪئي.96 مان 99 سيڪڙو صحت سان دل جي ڌڙڪن ڳڻپ ۽ 99 سيڪڙو ئي حرڪت ۽ سڪنات جي ڪاميابي کي نوٽ ڪيو ويو. انجنيئرن موجب اڃان هي چِپ شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر هن چپ جي بدولت سڄي دنيا ۾ هڪ انقلاب آڻي سگهجي ٿو ڇو ته هيڊ فون هر جڳهه موجود آهي ۽ دل جا مريض به ڪجهه گهٽ نه آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔