سينيٽ چونڊ ۾ شڪست کانپوءِ اپوزيشن قيادت جا هڪٻئي سان مشورا

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ شڪست بعد پي ڊي ايم جي قيادت هڪ ٻئي سان رابطا ڪري ورتا، ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اڳواڻن وچ ۾ سينيٽ چونڊن ۾ شڪست جي ڪارڻن ۽ پي ڊي ايم جي مستقبل تي ڳالهيون ڪيون ويون، ٽنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته صادق سنجراڻي سان ويجهو رهندڙ اپوزيشن ميمبرز کي چيڪ ڪيو ويندو، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ شڪست جي ڪارڻن جو پتو لڳائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ رد ٿيل اپوزيشن جا ووٽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ۾ حڪومتي اُميدوار کي ڪيئن مليا؟ هاڻي استعيفائن بنا لانگ مارچ جو ڪوبه فائدو نه هوندو، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٿيل سنيٽ چونڊ ۾ حڪومتي اميدوار صادق سنجراڻي ڪامياب ۽ اپوزيشن اميدوار يوسف رضا گيلاني کي شڪست ٿي هئي، پرزائيڊنگ آفيسر يوسف رضا گيلاني جا 7 ووٽ رد ڪيا هئا، جنهن تي اپوزيشن پاران اليڪشن ٽربيونل وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔