يوسف رضا گيلاني کٽي ويو ۽ اُهو ئي سينيٽ چيئرمين آهي: مراد علي شاهه

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪالهه اسلام آباد ۾ موجود هئس ۽ سينيٽرز جي حلف برداري ڏٺي، سينيٽ جي اليڪشن بوٿ ۾ ڪيميرائون لڳل هيون جنهن تي افسوس ٿيو، حيدرآباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو آهي ته هي وڏو ايوان ۽ پارليامينٽ جو حصو آهي، هن ۾ جيڪو به ملوث آهي ان کي سخت سزا ڏني وڃي، هن چيو آهي ته پرزائيڊنگ آفيسر چيو ته گيلاني جا 7 ووٽ رد ڪيان ٿو، جنهن سينيٽ چيئرمين جو حلف کنيو ان به اهوئي ٻڌايو ته خاني ۾ ڪنهن به جڳهه تي مُهر لڳايو، هن چيو آهي ته ڪالهوڪو ڏينهن ڏاڍو افسوس ناڪ هو، اعليٰ ترين اداري ۾ ووٽ اهڙي طرح رد ڪيا ويا مان هن کان اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺو، مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ به چوي ٿي ته ووٽ جي انٽيشن جي خبر پئجي وڃي ته ووٽ قابل قبول هوندو آهي، ڪورٽ پنهنجي پراڻي فيصلن کي ڏسي هن مامري کي ڏسندي، هن وڌيڪ چيو آهي تو يوسف رضا گيلاني کٽي ويو ۽ اُهو ئي سينيٽ چيئرمين آهي، هي اسڪرپٽڊ هو تڏهن ته 7 ووٽ ضايع ٿيا، سينيٽ چيئرمين کي چوندس ته جيڪڏهن سنڌ جا ووٽ ضايع ڪيا ويا ته پوءِ هي سنڌ سان زيادتي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔